عمران خان سياسي ماڻهو ناهي ان ڪري غير سياسي ڳالهيون پيو ڪري:خورشيد شاهه

0
134

وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته عمران خان سياسي ماڻهو ناهي ان ڪري غير سياسي ڳالهيون پيو ڪري، سندس وٽ ڪا ڳالهه ناهي ۽ ڪارڪردگي زيرو به آهي. سکر ۾ ميڊيا سان ڳلهائيندي خورشيد چيو ته عمران خان اهو نٿو ٻڌائي ته هن چئن سالن ۾ ڪهڙو سٺو ڪم ڪيو آهي، هن معيشت کي تباهه ڪري ڇڏي آهي، معشيت کي ٺيڪ ڪرڻ ۾ وقت لڳندو، عمران خان ادارن ۽ مخالفن تي حملن کان سواءِ ڪجهه به ناهي ڪيو .خورشيد شاهه چيو آهي ته عمران خان ميڊيا ۾ زنده رهڻ خاطر هو گاريون ڪڍي رهيو آهي.هن چيو آهي ته شيخ رشيد جيترو دلير آهي اها سڀني کي خبر آهي، ڪجهه عرصو اڳ ننڍڙي مسئلي تي شيخ رشيد موٽرسائينڪل تي ڀڄي ويو هو. خورشيد چيو ته سندن جي سياست ڪنهن کي جيلن ۾ وجهڻ واري ناهي ۽ نه ئي وري انتقام چاهيون ٿا، باقي جيڪو قانون هٿ ۾ کڻندو ان کي قانون پاڻ ئي پڪڙيندو .هن وڌيڪ چيو ته اسان ان ڳالهه جا حامي آهيون ته ڪميشن جوڙي وڃي ته سڀ ڳالهه واضح ٿي ويندي، عمران خان چئن سالن ۾ جيڪا تباهي ڪئي آهي اها هڪ مهيني ۾ ٺيڪ نٿي ٿي سگهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here