ملڪ جي صدر پاڻ آئين ٽوڙيو،آئين ٽوڙيندڙن کي سزا ملڻ گهرجي:سعيد غني

0
144

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سعيد غني چيو ته عمران خان ڪراچي ۾ هڪ به منصوبو مڪمل ناهي ڪيو.سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف معاشري ۾ نفرت کي وڌايو، عمران خان کي بي اعتمادي رٿ ذريعي نڪرڻو پيو.هن چيو ته پي ڊي ايم ٺاهڻ ۽ بي اعتمادي رٿ ۾ پ پ جو اهم ڪردار آهي، تحريڪ انصاف جي دور ۾ بي روزگاري ۽ مهانگائي ۾ اضافو ٿيو.صوبائي وزير چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت 4 سالن ۾ هڪ منصوبو به مڪمل نه ڪيو، عمران خان سستا تحفا خريد ڪري مهانگا وڪرو ڪيا.سعيد غني چيو ته عمران خان کي يهودين ۽ ڀارت فنڊنگ ڪئي، عمران خان کي 2018ع ۾ 28 سيڪڙو ووٽ مليا اپوزيشن اتحاد کي 70 سيڪڙو ووٽ مليا پيپلز پارٽي آئين ٽوڙڻ تي صدر عارف علوي، عمران خان، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر کي سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، سنڌ جي اطلاعات واري وزير ۽ پيپلز پارٽي اڳواڻ سعيد غني چيو آهي ته عمران خان، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر، صدر، آئين ٽوڙيو آهي، کين سزا ملڻ گهرجي، فرح گوگي ۽ عمران ڳٺ جوڙ سامهون آيو ته ماڻهن جا هوش اڏامي ويندا، توشه خانه جا تحفا مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪيا ويا، توشا خانه معاملي ۾ آصف زرداري ۽ يوسف رضا گيلاني تي ڪيس ٿي سگهي ٿو ته پوءِ ڇا عمران خان آسمان مان لٿو آهي ڇا؟ قانون موجب ڪوبه بيروني فنڊنگ وٺي نه ٿو سگهي، عمران خان جي پارٽي کي ڀارتين ۽ يهودين فنڊ ڏنا، عمران خان فارن فنڊنگ سان پارٽي هلائي ۽ چونڊون کٽيون، سعيد غني موجب، گذريل ڏينهن پنجاب اسيمبلي ۾ غير واسطيدار ماڻهن کي آندو ويو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here