ملير واقعو: منظر ٻڌائي نٿي ڪري سگهان: جوابدار جي امڙ جون جيءُ جهوڙيندڙ ڳالهيون

0
92

ڪراچي: ڪراچي جي علائقي ملير جي شمسي سوسائٽي ۾ 2 ڏينهن اڳ هڪ خوفناڪ واقعو پيش آيو، جنهن ۾ هڪ شخص پنهنجي 3 ڌيئرن ۽ زال کي قتل ڪري ڇڏيو هو، ان حوالي سان جوابدار فواد جي ماءُ ان ڏينهن جو تفصيل ٻڌايو ۽ اهو به ٻڌايو ته کيس واقعي جي خبر ڪيئن پئي،

وائيس آف آمريڪا جي رپورٽ موجب فواد خان اڱاري ڏينهن معمول موجب آفيس مان شمسي سوسائٽي ملير ۾ پنهنجي گهر پهتو، ماءُ سان ملڻ بعد هو مٿين منزل تي پنهنجي ڪمري ۾ ويو، فواد جي ماءُ جو اهو به چوڻ هو ته جڏهن آئون مٿئين منزل تي پهتس ته گرل جو دروازو بند هو، مشڪل سان دروازو کليو ۽ اندر وڃي ڏٺم ته فواد جون ٽئين ڌيئرون ۽ سندس گهرواري رت ۾ لت پت پيل هيون.

عورت موجب مون اهڙو منظر ڏٺو، جنهن کي بيان نٿي ڪري سگهان، پر اهو سڀ ڪجهه ٿيڻ جو سبب ڇا هو، خبر ناهي. جوابدار فواد جي ماءُ تفصيل ڏيندي ٻڌايو ته گهر ۾ شور مچڻ تي پاڙا وارا گڏ ٿي ويا، جنهن بعد فوري طور تي ايمبولينس کي گهرايو ويو پر ايمبولينس پهچڻ کان اڳ ئي ڌيئرون ۽ ماءُ فوت ٿي چڪيون هيون ۽ فواد زخمي حالت ۾ فرش تي پيل هو، واضح رهي ته اسپتال ۾ علاج هيٺ آيل فواد اعتراف ڪيو آهي ته هن پنهنجي ڌيئرن ۽ زال کي قتل ڪيو، مسالحه ڪمپني ۾ بطور سيلز مئنيجر طور ڪم ڪندڙ فواد خان گذريل ڪجهه ڏينهن کان مالي حالتن سبب پريشانين جو شڪار هو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here