اسان اوهان کي ڏيکائينداسين ته وڏو جلسو ڇا ٿيندو آهي: شرجيل ميمڻ جو پي ٽي آءِ کي چيلينج

0
83

سڌ سماءُ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پاڪستان تحريڪ انصاف کي چيلينج ڪري ڇڏيو
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي جاري ڪيل بيان ۾ شرجيل ميمڻ چيو آهي ته اسان پي ٽي آءِ ڏيکائينداسين ته وڏو جلسو ڇا ٿيندو آهي
گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ اڳواڻ شفقت محمود تحريڪ انصاف جي جلسي جون تصويرون شيئر ڪري وڏو جلسو قرار ڏنو هو
شيئر ڪيل تصويرن جي رد عمل ۾ صوبائي وزير چيو ته اسان ڏيکائينداسين ته وڏو جلسو ڪئين ٿيندو آهي
هن چيو ته پي ٽي آءِ وارن سموري پاڪستان مان ماڻهن کي گهرايو هو، اسان صرف ٽنڊو ڄام جي صوبائي تڪ جا ماڻهو گهرايا آهن

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here