ايوان زراعت سنڌ جي مرڪزي صدر سيد ميران محمد شاهه جي صدارت هيٺ ايوان زراعت سنڌ جي هيڊڪوارٽر حيدرآباد ۾ اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ وڊيو لنڪ وسيلي ڪراچي، بدين، ميرپورخاص، سانگهڙ، نوابشاهه، خيرپورميرس، سکر، لاڙڪاڻي ۽ گهوٽڪي جي آبادگارن شرڪت ڪئي
اجلاس ۾ آبادگارن وزيراعظم شهباز شريف طرفان هلندڙ سال ڪپهه جو امدادي اگهه 8 هزار 5 سئو رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ تي سخت احتجاج ڪندي اهڙي اگهه کي رد ڪندي چيو آهي ته ٻج، ڀاڻ، تيل، زرعي دوائون ۽ مشينري جا اگهه آسمان تي پهچي ويا آهن، اهڙي صورتحال ۾ ڪپهه جو گهٽ اگهه مقرر ڪرڻ آبادگارن سان مذاق آهي هنن مطالبو ڪيو ته ڪپهه جو گهٽ ۾ گهٽ اگهه15 هزار رپيا في مڻ مقرر ڪيو وڃي، جيڪڏهن ايئن نه ڪيو ويو ته ملڪ ۾ ڪپهه جي فصل جي پوکي گهٽجي ويندي