اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ سربراھ عمران خان جي اسيمبليون ٽوڙڻ واري اعلان تي چيو آهي ته صوبائي اسيمبليون ٽوڙيون ويون ته قومي نه پر لاڳاپيل صوبائي اسيمبلي جي ٻيهر اليڪشن ٿيندي، اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آھي ته ڀَلي صوبائي اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيو، پر قومي اليڪشن نٿي ٿي سگهي، جنهن اسيمبلي جي سيٽ تان استيعفيٰ ڏني ويندي، اُتي ئي اليڪشن ڪرائي ويندي، جيترا به ميمبر استعيفا ڏيندا، انهن جي خالي ٿيندڙ سيٽن تي ٻن مهينن ۾ ضمني اليڪشن ڪرائي ويندي،
اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته ڪنهن به صوبائي تڪ ۾ چونڊ تي تقريبن 5 کان 7 ڪروڙ خرچ ايندو آهي. هڪ ئي سال ۾ ضمني ۽ عام اليڪشن ڪرائڻ بابت سوال تي ترجمان اليڪشن ڪميشن چوي ته هڪ ئي سال ۾ ضمني ۽ عام اليڪشڻ ڪرائڻ ڏکيو آهي پر قانون جا پابند آهيون، ترجمان وڌيڪ چيو ته سڄي ملڪ ۾ تڪبندين ڪرڻ ۽ مختلف حصن ۾ مڪاني اليڪشڻ ڪرائڻ به ڏکيو ڪم هو پر اسان ڪيو، قانون مطابق جيڪڏهن ڏکيو به هوندو ته اليڪشن ڪرائينداسين.اليڪشن ڪميشن ترجمان چيو ته پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ ٻيهر اليڪشن ڪرائڻ تي گهٽ ۾ گهٽ ساڍا 22 ارب رپيا خرچ ايندو، اسيمبليون ٽٽڻ جي صورت ۾ ٻنهي صوبن ۾ 411 تڪن تي ضمين اليڪشن ڪرائڻي پوندي.