نجم سيٽي پي سي بي چيئرمين مقرر: وزيراعظم منظوري ڏئي ڇڏي

0
79

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف نجم سيٺي کي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين بڻائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

ذريعن موجب نجم سيٺي جي پي سي بي چيئرمين طور مقرري جو باضابطا نوٽيفڪيشن جلد جاري ڪيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته 4 نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويندا، 2019ع جي ڪرڪيٽ بورڊ جو آئين ختم ڪيو ويندو، 2019ع ۾ وزيراعظم جا ٻه نامزد ڪيل نالا به ختم ڪيا ويندا، ٽيون نوٽيفڪيشن 2014ع جو آئين بحال ڪندو ۽ چوٿون نوٽيفڪيشن  ۾ موجوده بورڊ کي هلائڻ لاءِ سيٽ اپ جو اعلان ڪيو ويندو،

نجم سيٺي رميز راجا جي جاءِ تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين طور ذميواريون سنڀاليندو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here