سرپرائز اپوزيشن نه پر عثمان بوزدار کي مليو آهي: شاهد خاقان عباسي

0
94

ن ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته سرپرائز اپوزيشن نه پر عثمان بوزدار کي مليو آهي، عمران خان هڪ بهترين وڏي وزير کي قربان ڪري ڇڏيو، ڪو به خط ناهي بس حڪومت تماشو ڪري رهي آهي، وزيراعظم سياسي ڪميٽي ۾ وڃي ٻڌائي ته خط ڪنهن لکيو.اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته ايٽمي طاقت کي ڌمڪيون ڏيڻ ڪا ننڍي ڳالهه ناهي.سندس چوڻ هو ته عوامي مينڊيٽ ذريعي نئين حڪومت ٺاهي ويندي.هن چيو ته پي ٽي آءِ جي ڪرپشن جا ڪيترائي ڪيس آهن، 4سالن کان عمران خان هر معاملي تي يوٽرن ورتو.هن چيو ته سرپرائز اپوزيشن نه پر عثمان بوزدار کي مليو آهي، عمران خان هڪ بهترين وڏي وزير کي قربان ڪري ڇڏيو، ڪو به خط ناهي بس حڪومت تماشو ڪري رهي آهي، وزيراعظم سياسي ڪميٽي ۾ وڃي ٻڌائي ته خط ڪنهن لکيو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here