مردان ۾ پوليس جي ڪارروائي، 4 دھشتگرد مارجي ويا

0
75

مردان پوليس ڪارروائي ڪندي ضلعي کي وڏي تباهي کان بچائي ورتو ۽  چئن دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو آهي

صوابي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊي آءِ جي جو چوڻ هو ته پوليس هڪ ڪارروائي دوران چئن دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جن وٽان پنج ڪلو گرام بارودي مواد، 18 هينڊ گرنيڊ، نوَ گرنيڊ، هڪ راڪٽ لانچر، به ڪلاشنڪوف ۽ ٻيا هٿيار هٿ آيا آهن

هن ٻڌايو ته دهشتگردن جو ايندڙ ٽارگيٽ پوليس اهلڪار ۽ اهم هنڌ هئا، دهشتگردن جو اِهو نيٽورڪ نومبر ۾ پاڪستان آيو هو، ٽيهه جنوري تي آپريشن دوران ٻه دهشتگرد مارجي ويا هئا، جڏهن ته هڪ گرفتار ٿيو هو ڊي آءِ جي موجب مارجي ويل دهشتگرد اظهار الله افغانستان ۾ ٽيمن جوڙيون هيون، مارجي ويل دهشتگرد اظهار الله ڪي پي دهشتگردي جي ڪارروائين جو منصوبو بڻايو هو ۽ صوبائي حڪومت سندس سر جي قيمت ويهه لک رُپيا مقرر ڪئي هئي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here