ڪراچي سميت سنڌ ۾ مليريا بي قابو، جنوري کان اڄ تائين ٽي لک ڇاهيتاليهه هزار کان وڌيڪ ماڻهو مليريا ۾ مبتلا

0
107

سنڌ ۾ ٻوڏ بعد مليريا جو راڄ جاري، جنوري کان اڄ تائين 3 لک 64 هزار ماڻهو ميلريا جو شڪار ٿيا آهن

صحت کاتي موجب ٻار، عورتون  بزگ شهري ميليريا ۾ مبتلا آهن، 41 هزار ڪيس ٻوڏ متاثرن جي ڪيمپس ۾ ظاهر ٿيا، هلندڙ سال 25 لک 34 هزار مليريا جا ٽيسٽ ڪيا ويا سڀ کان وڌيڪ 51 هزار، 3 سئو 41 ڪيس ٺٽي ۾ رپورٽ ٿيا آهن

صحت کاتي موجب لاڙڪاڻي ۾ 50 هزار 2 سئو 5 ، ڪراچي جي مختلف ضٰلعن ۾ 8 هزار 7 سئو 52  جڏهن ته سڀ کان گهٽ 2 هزار 52 ڪيس  سانگهڙ ضلعي ۾ رپورٽ ٿيا

صحت کاتي موجب صوبي ۾ مليريا سبب 23 ماڻهو فوت ٿيا آهن جڏهن صحت کاتي جي ڊاريڪٽر جنرل ڊاڪٽر جمن باهوٽو چيو ته صرف دادو ضلعي ۾ 30 ماڻهو مليريا سبب اجل جو شڪار ٿيا آهن

سندس چوڻ هو ته سردين جي موسم ۾ مليريا ۽ ڊينگي جي ڪيس ۾ اضافي جو خطرو پڻ آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here