اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حنيف عباسي کي ايندڙ ٻڌڻي تائين عوامي عهدو رکڻ کان روڪي ڇڏيو

0
108

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حنيف عباسي کي ايندڙ ٻڌڻي تائين عوامي عهدو رکڻ کان روڪي ڇڏيو، شيخ رشيد جي درخواست تي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ بينچ ٻڌڻي ڪئي، چيف جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن ڪير سزا يافته هجي ته اهو پبلڪ آفيس هولڊ نه ٿو ڪري سگهي، اميد آهي ايندڙ ٻڌڻي تائين حنيف عباسي عوامي عهدو استعمال نه ڪندو، معاون خصوصي جو ڪم وزيراعظم کي مشورو ڏيڻ هوندو آهي ۽ اهو ڪم نوٽفيڪشن کانسواءِ به ٿي سگهي ٿو، ٻڌڻي 27 مئي تي ملتوي ڪئي وئي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here