خودڪشي جي پڇتاءَ کان بچڻ لاءِ پنهنجي قتل ڪرڻ لاءِ هڪ ڪرائي جو قاتل رکيو هو: انجلينا جولي

0
109

ناليواري اداڪارا انجلينا جولي بابت انڪشاف ٿيو آهي ته هن هڪ ڀيري خودڪشي جي پڇتاءَ کان بچڻ لاءِ پنهنجي قتل ڪرڻ لاءِ هڪ ڪرائي جو قاتل رکيو هو

انجلينا جولي جي هڪ ٽيم ميمبر تازو ئي هڪ اخبار کي ڏنل انٽرويو دوران ٻڌايو ته انجلينا جولي پاڻ کي مارڻ جي لاءِ هڪ ڪرائي جو قاتل کي گهرايو هو

انجلينا جولي جي عملي موجب پنهنجي قتل جي منصوبا بندي جي لاءِ اداڪارا شوٽر کي رقم به ڏئي ڇڏي هئي

اداڪارا جي عملي موجب انجلينا جولي طرفان گهرايل قاتل وڏو مهذب ماڻهو هو، هن انجلينا کان ان منصوبابندي بابت سوچڻ جي لاءِ ٻن مهينن جو وقت گهريو ۽ ٻيهر فون ڪرڻ جو چيو جڏهن ته انجلينا ان دوران به پاڻ کي قتل ڪرڻ جو ارادو نه مٽايو هو

اداڪارا جي عملي موجب انجلينا جو چوڻ هو ته جيڪڏهن هوءَ آپگهات ڪري ٿي ته ويجها ماڻهو يا پاڙيسري اهڙي عمل ۾ پاڻ کي ڏوهي سمجهندا ته شايد اهي اهڙي عمل کان مونکي روڪي سگهن ٿا

انجلينا جولي جو چوڻ هو ته آپگهات ڪرڻ بدران قتل ٿيان ٿي، ڇو ته ان جي قتل کي ڪير به قبول نه ڪندو يا وري ڪير به پاڻ کي ان واقعي تي ڏوهي نه سمجهندو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here