راڻا ثناءُ الله عمران خان جي گرفتاري جي امڪان کي رد ڪري ڇڏيو

0
70

گهرو وزير راڻا ثناءُ الله عمران خان جي گرفتاري جي امڪان کي رد ڪري ڇڏيو، راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته عمران خان جا ضمانت جوڳا وارنٽ جاري ٿيا آهن، گرفتاري جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي، گهرو وزير موجب، هاءِ ڪورٽ عمران خان خلاف ڪيس ختم ناهي ڪيو، رڳو دهشتگردي جي شق ختم ڪئي آهي، ميجسٽريٽ وٽ ڪيس آيو ته لازمي هو ته جوابدار پيش ٿئي، نه ٿيو ته وارنٽ جاري ٿيڻا ئي هُئا، آڊيو ليڪس بابت ڪميٽي جوڙي وئي آهي، سائفر جي ڪاپي وزير اعظم هائوس کي ملي پر هاڻي موجود ناهي، معلوم ٿيو ته اڳوڻو وزير اعظم کيسي ۾ وجهي کڻي ويو آهي، عمران خان جيڪي منٽس رڪارڊ ڪرڻ وارو فراڊ ڪيو، اُهي منٽس چيف جسٽس ۽ اسپيڪر کي موڪليا ويا آهن

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here