عمران خان گرفتاري کان اڳ واري ضمانت جي درخواست عدالت ۾ داخل ڪرائي ڇڏي

0
73

عمران خان جي گرفتاري وارنٽ بابت گرفتاري کان اڳ واري ضمانت جي درخواست عدالت ۾ داخل ڪري ڇڏي، عمران خان درخواست جي تصديق بابت بايو ميٽرڪ کان ڇوٽ واري درخواست به داخل ڪرائي ڇڏي، عدالت موڪل واري ڏينهن به کُلي وئي، جسٽس محسن اختر ڪياني اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پهچي ويو، عمران خان، وڪيل بابر اعواڻ معرفت گرفتاري کان اڳ ضمانت جي درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته پهرين دهشتگردي جو ڪيس ٺاهيو ويو، هاءِ ڪورٽ دهشتگردي جون شقون ختم ڪيون ته ڪيس منتقل ٿي ويو، دهشتگردي جي عدالت مان ڪيس منتقل ٿيڻ تي ضمانت به رد ٿي وئي آهي، سياسي مخالف حڪومت بدنيتي تحت ڪوڙو ڪيس ٺاهيو آهي، ڪيس جو مقصد عمران خان کي گرفتار ڪري پرامن سياسي تحريڪ کي روڪڻ آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here