ٿيندڙ چونڊن لاءِ قانون سازي جي ضرورت ناهي: اعظم تارڙ

0
76

وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته ڪو به آئيني ڪم ان ڪري غير آئيني ناهي هوندو ته مقرر مدي ۾ نه ٿيو، 90 ڏينهن کانپوءِ ٿيندڙ چونڊن لاءِ قانون سازي جي ضرورت ناهي.

اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهه ٻولهه دوان ان سوال ته ڇا 90 ڏينهن کانپوءِ صوبائي اسيمبلين جون چونڊون ٿيون ته ان جي آئيني حيثيت ڪهڙي هوندي؟ وفاقي وزير جو چوڻ هو ته آئيني ڪم جي مقرر مدي ۾ مڪمل نه ٿيڻ جا ٺوس ڪارڻ هجڻ گهرجن.

اعظم نذير تارڙ جو وڌيڪ چوڻ هو ته 90 ڏينهن کانپوءِ ٿيندڙ چونڊن لاءِ قانون سازي جي ضرورت ناهي پر لاڳاپيل ادارن کي چونڊون وقت تي نه ٿيڻ جا ٺوس سبب ڏيڻا پوندا. وفاقي وزير چيو ته ڪو به آئيني ڪم ان ڪري غير آئيني ناهي هوندو ته مقرر مدي ۾ نه ٿيو، آئين سان اهڙو ڀوڳ مذاق نه ٿيڻ گهرجي، آئين ۾ شوق آهي ته آئيني ڪم مقرر مدي ۾ نه ٿيڻ جا ٺوس ڪارڻ هجڻ گهرجن

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here