آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ٻن ڏينهن جي دوري تي چين پهچي ويو

0
97

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ٻن ڏينهن جي دوري تي چين پهچي ويو، آرمي چيف جي چيني دفاع واري وزير وي فينگ سان ملاقات، چين پاران پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن لاءِ 50 ڪروڙ يو آن امداد فراهم ڪرڻ جو اعلان، چيني بچاءَ واري وزير چيو آهي ته چين پاڪستان ۽ فوج سان گڏ هر آزمائش تي پورو لهڻ وارن لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو، چين پاڪستان سان فوجي لاڳاپا وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي، چين جي بچاءُ واري وزير پاڪستان ۾ سي پيڪ منصوبن کي محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ تي آرمي چيف جا ٿورا مڃيا، چين جي ڊفينس منسٽر پاران سي پيڪ منصوبن تي ٿيندڙ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار، جنرل وي فينگ ماحولياتي تبديلين سبب پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيل نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here