شهباز شريف باضابطا طور تي وزير اعظم طور ڪم شروع ڪري ڇڏيو، وزيراعظم صبح اٺين وڳي ئي آفيس پهچي ويو

0
158

وزير اعظم آفيس جي آفيسرن ۽ عملي ۾ ٿرٿلو مچي ويو، رمضان المبارڪ ۾ سرڪاري آفيس جو وقت صبح ڏهين وڳي هجڻ باوجود شهباز شريف اٺين وڳي آفيس پهچي ويو، هفتي ۾ ٻن بدران هڪ ڏينهن موڪل ڪري ڇڏي، وزير اعظم جي سرڪاري آفيسن ۾ به ڪم جا وقت تبديل ڪيا ويا، آفيس ڏهين وڳي بدران صبح اٺين وڳي ڪم شروع ٿيندي، عوام کي رليف ڏيڻ وارن اعلان تي عمل شروع، قومي اسيمبلي ۾ ڪيل اعلانن تي ڪم ڪرائڻ لاءِ وزير اعظم شهباز شريف حڪم جاري ڪري ڇڏيا، بازارن ۾ معياري ۽ گهٽ اگهه تي شيون ڏيڻ جو حڪم، رمضان بازارن جي سخت مانيٽرنگ جو به حڪم ڏنو ويو سندرو ٻڌي ڇڏيو عوام جي خدمت لاءِ آيا آهيون وزير اعظم شهباز شريف پنهنجي آفيس ۾ آفيسرن سان ڳالهائيندي چيو آهي ته عوام کي سستين شين جي فراهمي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، وڌيڪ هڪ لمحو به ناهي وڃائڻو، ايمانداري شفافيت، اڻ ٿڪ محنت، رهنما اصول آهن، وزير اعظم جي وزير اعظم آفيس جي آفيسرن ۽ عملي سان ملاقاتون، وزير اعظم سان عملي جو تعارف ڪرايو ويو،

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here