شهيد ذوالفقار علي ڀٽو عوام کي شعور ڏنو، ملڪ جي ترقي لاءِ جدوجهد ڪئي:فريال تالپور

0
95

پيپلز پارٽي جي ايم پي اي فريال ٽالپر چيو آهي ته قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي هو شهادت ڏهاڙي خراج تحسين پيش ڪن ٿا.شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي جي ڏهاڙي جاري ڪيل پيغام ۾فريال ٽالپر چيو ته شهيد ذالفقار علي ڀٽو اڄ به پاڪستاني عوام جي دلين ۾ زندهه آهي، اهڙو اعزاز تاريخ ۾ ڪجهه ئي اڳواڻن کي مليو آهي سندس چوڻ هو ته قائد عوام ملڪ کي گڏيل آئين ڏنو، اهڙو ڪارنامو ملڪي سياسي تاريخ ۾ هميشه ياد رکيو ويندو فريال ٽالپر چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان کي ايٽمي طاقت ڏني جنهن سبب اڄ پاڪستان ايٽمي پاور آهي سندس چوڻ هو ته ذوالفقا رعلي ڀٽو جي شهادت ڏهاڙي تي اسان کي اهو وچن ڪرڻ گهرجي ته آئين ۽ جمهوريت جي حفاظت ڪريون

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here