نئين حڪومت جو اچڻ سان ئي عوام کي بجلي جو وڏو جهٽڪو،نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي” نيپرا“ بجلي جي في يونٽ ۾ 4 رپيا 87 پئسا اضافي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.نيپرا جو چوڻ آهي ته بجلي جي اگهن ۾ اضافو فيبروي جي ماهانا فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪئي وئي.نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽر اٿارٽي جو چوڻ آهي ته واهپيدارن کان اها وصولي اپريل جي بلن ۾ ڪئي ويندي. نيپرا جو چوڻ آهي ته واهپيدارن تي جِي ايس ٽي جي 38 ارب رپين جو اضافي بار پوندو، فيصلو ڪي اليڪٽرڪ جي واهپيدارن تي لاڳو نه هوندو