آءِ ايم ايف طرفان پيٽروليم شين تي ليوي وڌائڻ ۽ جي ايس ٽي لاڳو ڪرڻ تي زور

0
59

پيٽروليم شين جي اگهن ۾ تازي واڌ کانپوءِ آءِ ايم ايف طرفان پيٽروليم شين تي ليوي وڌائڻ ۽ جي ايس ٽي لاڳو ڪرڻ تي زور ڏنو پيو وڃي، جنهن سان پيٽرول ۽ ڊيزل وڌيڪ مهانگو ٿيڻ جو خدشو آهي

ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت عالمي مالياتي اداري جي مطالبن تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي، ليوي وڌائڻ ۽ جي ايس ٽي لاڳو ڪرڻ سان پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت 30-30 رپين تائين وڌڻ جو خدشو آهي

ذريعن موجب پيٽرول تي ليوي ٽيڪس کي وڌائي 70 کان 80 رپين تائين ڪري سگهجي ٿو، ٽيڪس شارٽ فال کي گهٽ ڪرڻ لاءِ پيٽروليم شين تي 17 سيڪڙو جي ايس ٽي به لاڳو ڪري سگهجي ٿو، پيٽروليم شين تي هڪ وقت جي ايس ٽي ٻڙي آهي واضح رهي ته حڪومت 29 جنوري تي پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 25-25 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي هئي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here