توهين عدالت ڪيس: عمران خان کي ستن ڏينهن ۾ جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت

0
66

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان خلاف توهين عدالت ڪيس جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي،عدالت عمران خان کي ستن ڏينهن جي مهلت ڏيندي جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي،اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ لارچر بينچ پاران ڪيس جي ٻڌڻي، ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله عمران خان کي مخاطب ٿيندي ريمارڪس ڏنا ته هـُن جيڪو جواب جمع ڪرايو آهي اُهو عمران خان جهڙي ليڊر جي رتبي مطابق ناهي، چيف جسٽس موجب، عمران خان جي لکت واري جواب تي کيس تمام گهڻو افسوس ٿيو، چيف جسٽس عمران خان کي مخاطب ٿيندي چيو ته سيشن ڪورٽ عام ماڻهو جي عدالت آهي، کيس پهرين اُتي وڃڻ گهرجي ها، عمران خان چيو ته هُن جج خلاف قانوني ڪارروائي جو چيو، چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته جيئن گذريل وقت واپس ناهي وري سگهندو، تيئن زبان مان چيل ڳالهه به واپس ناهي ٿيندي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here