اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙعدالت عمران خان کي 12 وڳي طلب ڪري ورتو، عورت سيشن جج ۽ سينيئر پوليس آفيسرن کي کلي عام ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران عمران خان عدالت ۾پيش نه ٿيو، جج پاران ڪاوڙ جو اظهار، ٻڌڻي ۾ 12 وڳي تائين وقفو، جج ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته عمران خان کي عدالت ۾ پيش ٿيڻو پوندو، عدالت ضمانت بابت اڄ ئي دليل ٻڌندي، جن کي ڌمڪي ڏني وئي انهن جو بيان به پڙهي ٻڌايو وڃي، عدالت ڪيس جو رڪارڊ به طلب ڪري ورتو، عمران خان جي وڪيل بابر اعواڻ عدالت ۾ دليل ڏيندي چيو آهي ته عمران خان کي جان جو خطرو آهي، کيس ڪجهه به ٿيو ته حڪمران، آءِ جي ۽ ڊي آءِ جي ذميوار هوندا