عوام کي سستي بجلي ڏيڻ حڪومت جي پهرين اوليت آهي:وزير اعظم شهباز شريف

0
95

وزير اعظم جي صدارت هيٺ انرجي ٽاسڪ فورس جو اجلاس، قومي سولر انرجي پاليسي جو اعلان پهرين آگسٽ تي ڪرڻ جو فيصلو، پاليسي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي منظوري سان مشروط هوندي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته وزير اعظم هائوس ۽ آفيس کي هنگامي بنيادن تي شمسي توانائي تي منتقل ڪيو وڃي، وزير اعظم شهباز شريف چيو آهي ته عوام کي سستي بجلي ڏيڻ حڪومت جي پهرين اوليت آهي، حڪومت جي ڪوشش آهي ته ملڪ کي توانائي جي شعبي ۾ خودڪفيل بڻايو وڃي، شمسي توانائي سان پيدا ٿيڻ واري بجلي سستي هوندي، پاڪستان ۾ پهرئين ڀيري جامع سولر انرجي پاليسي آندي پئي وڃي، پاليسي صوبن جي صلاح مشوري سان لاڳو ٿيندي، وزير اعظم پاران سمورن صوبن کي تجويزن بابت آگاهه ڪرڻ ۽ کانئن راءِ وٺڻ جي هدايت

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here