عمران خان مٿان قاتلاڻي حملي جي ڪهاڻي ڪوڙ تي ٻڌل آهي: راڻا ثناءُ الله

0
78

فيصل آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو ته چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي، پر ملڪ جون موجوده حالتون سڀني جي سامهون آهن، اهڙيون چونڊون ٿيڻ گهرجن جنهن سان ملڪ بهتري طرف وڃي

وفاقي وزير پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي گرفتاري بابت سوال تي راڻا ثناءُالله چيو ته جنهن ڏينهن حڪومت فيصلو ڪندي ان ڏينهن ئي عمران خان کي گرفتار ڪيو ويندو، عمران خان کي گرفتار ڪرڻ ڪو ڏکيو ڪم ناهي، جيڪڏهن هو چاهين ها ته کيس هاءِ ڪورٽ مان به گرفتار ڪري پيو سگهجي راڻا ثناءُالله وڌيڪ چيو ته عمران خان جيڪي قاتلاڻي حملي جون ڪهاڻيون بيان ڪري رهيو آهي اهي سڀ ڪوڙ تي ٻڌل آهن، هن کي ان کان سواءِ ٻيو ڪجهه ڳالهائڻ نٿو اچي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here