آءِ ايم ايف اسان کي هڪ ارب ڊالرز لاءِ نچائي رهيو آهي:راڻا ثناءُ الله

0
158

ملڪ ڊيفالٽ ڪيو ته ڏڦيڙ پکڙجي ويندو، هڪ ارب ڊالر لاءِ آءِ ايم ايف اسان کي ڀولڙي وانگر نچائي رهيو آهي، ڀرپور ڪوشش ڪئي ته تيل جون قيمتون نه وڌايون،“ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته معيشت سياسي اتفاق راءِ کانسواءِ صحيح نه ٿي ٿي سگهي، گذريل دور ۾ آءِ ايم ايف سان صحيح نموني ڳالهيون نه ڪيون ويون، عمران خان ڪنهن کي ڪجهه نه ٿو سمجهي، ڪنهن سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، عمران خان رڳو فرح گوگي جي تقدير تبديل ڪئي، ماضي جا فيصلا صحيح هُجن ها ته هاڻوڪي صورتحال نه هجي ها، 25 مئي تي فسادي ٽولو اسلام آباد تي حملي آور ٿيو، پوليس ايف سي ۽ ٻين ادارن فسادي ٽولي کي پُٺتي ڌڪيو، فسادي ٽولي کي شڪايت هُئي ته مدي خارج شيل فائر ڪيا ويا، ڪوشش هوندي ته هن ڀيري کين شڪايت نه ٿئي، هاڻي کين تازا شيل ملندا، تشدد جي نه اجازت ڏئي سگهجي ٿي نه ئي اُن کي برداشت ڪري سگهجي ٿو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here