افغان فورسز جي سرحد تي شهري آبادي مٿان ٻيهر فائرنگ، چڪريون، 15 پاڪستاني زخمي

0
119

چمن: پاڪ افغان سرحد تي پاڪستاني ۽ افغان فورسز وچ ۾ چڪريون ٿيون آهن، جنهن جي نتيجي ۾ عورتن سميت 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. سيڪيورٽي اهلڪارن موجب پاڪ افغان سرحد ڪلي لعل لعل محمد ۾ پاڪستاني ۽ افغان سرحدي فورسز وچ ۾ چڪريون ٿيون آهن، جنهن ۾ افغان فورسز هڪ ڀيرو ٻيهر شهري آبادي کي نشانو بڻايو آهي.

ليويز اختيارين ٻڌايو ته بوغرا ۽ ڪسٽم هائوس واري علائقي ۾ آرٽري جا ڪيترائي گولا ڪريا، جنهن بعد شهرين کي مال روڊ، بوغرا روڊ، بائي پاس ۽ بارڊر روڊ خالي ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڊي ايچ ڪيو اسپتال چمن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. سيڪريٽري صحت بلوچستان صالح محمد ناصر چيو آهي ته ڪوئيٽا جي اسپتالن ۾ به ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي، سول، بي ايم سي اسپتال ۽ ٽراما سينٽر ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.

صحت واري سيڪريٽري موجب، جنرل سرجن، آرٿوپيڊڪ سرجن، اينسٿيز يا اسپيشلسٽ ۽ ٻيو عملو چمن ڏانهن اماڻيو ويو آهي، ڪنسلٽنٽس، ڊاڪٽرز، فارماسسٽ، اسٽاف نرسز ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف کي به اسپتالن ۾ طلب ڪيو ويو آهي. اختيارين جو چوڻ آهي ته افغان فورسز جي جارحيت تي پاڪستاني فورسز به ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪئي ۽ ڳرن هٿيارن جو استعمال ڪيو.

اختيارين موجب شيخ لعل محمد سيڪٽر ۾ تار جي مرمت تي افغان فورسز جي مداخلت تان چڪريون ٿيون، جنهن دوران بارڊر شاهراهه ويجهو گولا ڪرڻ سان هڪ موٽر سائيڪل سوار زخمي ٿي پيو، جڏهن ته گهرن ۾ ڪيترائي گولا ڪرڻ سان عورتن ۽ ٻارن سميت 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

پوليس موجب علائقي ۾ ڇڪتاڻ سبب بارڊر روڊ، مال روڊ ۽ بوگرا روڊ تي سخت ٽريفڪ جام آهي، جڏهن ته ڪسٽم هائوس ۽ ڪراچي ڪوچ ٽرمينل کي خالي ڪرايو ويو آهي. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ افغان فورسز چمن ۾ سرحد ويجهو شهري آبادي تي فائرنگ ڪئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ 6 پاڪستاني شهري شهيد ٿي ويا هئا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here