پي ٽي آءِ سينيٽر اعظم سواتي سکر کان اسلام آباد منتقل

0
119

سکر: پي ٽي آءِ سينيٽر اعظم سواتي کي سکر کان اسلام آباد منتقل ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب 14 ڏينهن جو جڊيشل ريمانڊ مڪمل ٿيڻ بعد اعظم سواتي کي اسلام آباد منتقل ڪيو ويو، ايس ايس پي اسلام آباد رخسار مهدي اعظم سواتي کي خصوصي جهاز وسيلي اسلام آباد منتقل ڪيو،

اعظم سواتي خلاف وڌيڪ قانوني ڪارروائي اسلام آباد ۾ ٿيندي، اعظم سواتي خلاف ادارن خلاف بدزباني ڪرڻ ۽ اعليٰ شخصيتن کي ٽوئيٽر تي گاريون ڏيڻ واري معاملي تي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ڪيس داخل ڪيا ويا هئا .

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here