ڪراچي جو سفاري پارڪ تباهي ڪناري پهچي ويو

0
82

ڪراچي: ڪي ايم سي جي ماتحت ڪراچي جو سفاري پارڪ تباهي ڪناري پهچي ويو

  سفاري پارڪ ۾ 18هين گريڊ جي ڊائريڪٽر وارو عهدو مهيني کان خالي پيل آهي،  سفاري پارڪ ۾ گندگي جا ڍير لڳل، پکين لاءِ ٺاهيل پاڻي جي تلاءُ ۾ بيٺل ٻيڙا بند بيٺل آهن

سفاري پارڪ ۾ ٻارن جي راند ۽ تفريح لاءِ ايندڙ شهرين جي ويهڻ واري ھنڌ تي بيٺل ساوڪ سڙي وئي. ٻوٽا به پاڻي نه ملڻ سبب سڪي ويا، تفريحي لاءِ ايندڙ شهري پريشان آهن

سفاري پارڪ ۾ انٽري ٽڪيٽ ۾ واڌ ۽ سهوليتون نه هجڻ سبب عوام موڪل ڏهاڙي گهٽ اچي ٿو. اليڪٽريڪل گاڏيون به بند پيل، اليڪٽرڪ گاڏين تي چادرون چڙهيل آهن

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here