حڪومت توشا خانا مان 300 ڊالرز کان وڌيڪ ماليت جا تحفا کڻڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي

0
235

وفاقي ڪابينا جي منظوري بعد پابندي جو فرمان جاري ڪيو ويو آهي

توشه خانه مان ڪروڙن جون گاڏيون، گهڙيون ۽ ڳَهن سوڌو ٻيا قيمتي تحفا کڻڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي

صدر، وزيراعظم، ڪابينا ميمبرز، ججز ۽ سول ملٽري آفيسرز تي 300 ڊالر کان وڌيڪ ماليت جا تحفا کڻڻ تي پابندي هوندي، اُهي ڏيهي توڙي پرڏيهي شخصيتن کان تحفي طور روڪ رقم به نه وٺي سگهندا

مجبوري ۾ ورتل ڪيش جي رقم ترت قومي خزاني ۾ جمع ڪرائي ويندي، صدر ۽ وزيراعظم سوڌو ٻين شخصيتن تي گهرڀاتين لاءِ تحفا خريد ڪرڻ تي به پابندي، سون ۽ چاندي جا سِڪا اسٽيٽ بئنڪ حوالي ڪيا ويندا، توشه خانه پاليسي جي ڀڃڪڙي تي ڪارروائي جو به فيصلو ڪيو ويو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here