عمران تي حملو ڪندڙ جوابدار جو فون رڪارڊ هٿ، 3 نمبر جاچ لاءِ اهم قرار

0
98

لاهور: عمران خان تي حملو ڪندڙ جوابدار جو فون رڪارڊ ملي ويو، جاچ لاءِ ٽن نمبرن کي اهم قرار ڏنو پيو وڃي، پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان تي حملي جي جوابدار نويد جي موبائل فون جي فارنزڪ رپورٽ ملي وئي آهي.

فارنزڪ رپورٽ موجب جوابدار نويد جي فون مان 2 مختلف ڪمپنين جون سمز هٿ ڪيون ويون آهن، جوابدار وٽان هڪ نمبر ”نه آهي، نه هوندو ۽ نه رهندو“ جي نالي سان سيو ٿيل هو، جوابدار جي فون مان 138 فون نمبر ۽ 1869 ڪالز جو رڪارڊ مليو آهي.

رپورٽ موجب جوابدار جي فون مان 337 ايس ايم ايس، 1956 تصويرون ۽ 212 وڊيوز مليون، جڏهن ته جوابدارن جي فون مان ڊيليٽ ڪيل ڊيٽا واپس نه ٿي سگهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جوابدار نويد جي فون جي آڊيو ۽ وڊيو جي ڊي وي ڊي ٺاهي جي آءِ ٽي حوالي ڪئي وئي آهي، جوابدار جي فون ۾ ٿائيلينڊ جو هڪ نمبر ۽ 2 مقامي نمبر جاچ لاءِ اهم آهن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here