آمريڪا روس جي يوڪرين سان ڳالهين جي آڇ کي رد ڪري ڇڏيو

0
99

ڪراچي (م ڊ) آمريڪا روس جي يوڪرين سان ڳالهين جي آڇ کي رد ڪري ڇڏيو آهي، آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ترجمان نيڊ پرائس چيو ته بندوق جي اشاري تي سفارتڪاري جي ڳالهه ٿي آهي

ترجمان روس کي پيغام ڏنو ته هو پهريان يوڪرين مان پنهنجون فوجون واپس وٺي ۽ پوءِ سفارتڪاري جو عزم ڏيکاري

واضح رهي ته يوڪرين جي صدر زيلنسڪي هڪ وڊيو پيغام ۾ پنهنجي روسي هم منصب سان سڌي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ تي اتفاق ڪيو هو ۽ نيٽو جي رڪنيت بابت غير جانبدار رهڻ جي آڇ ڪئي هئي ۽ ان کان اڳ روس يوڪرين فوج جي هٿيار ڦٽا ڪرڻ لاءِ ڳالهين جي آڇ ڪئي هئي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here