آرٽيڪل 63 اي بابت صدارتي ريفرنس تي لارجر بينچ جوڙي ڇڏي،ٻڌڻي 24 مارچ تي ٿيندي

0
124

چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته بهتر ٿيندو ته اسيمبلي جي جنگ اسيمبلي اندر وڙهي وڃي.سپريم ڪورٽ سمورن سياسي پارٽين کي صدارتي ريفرنس تي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.ٻڌڻي دوران چيف جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏيندي چيو ته عوام جو ڪارنهوار ڪنهن طريقي سان مفلوج نه ٿيڻ گهرجي.چيف جسٽس چيو ته آرٽيڪل 63 اي پارٽين جي حقن جي ڳالهه ڪندو آهي، ڪنهن به ميمبر کي ووٽ ڏيڻ کان روڪي نه ٿو سگهجي.چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته اخبارن مان خبر پئي آهي ته 25 مارچ تي اسلام آباد ۾ احتجاج جو اعلان ڪيو ويو آهي، اسان ڪنهن به قسم جي مداخلت نه ڪنداسين.ان موقعي تي سپريم ڪورٽ بار جي وڪيل چيو ته اسپيڪر 25 مارچ تي اجلاس طلب ڪيو آهي، آرٽيڪل 95 تحت 14 ڏينهن ۾ اجلاس گهرائڻ لازمي آهي، چيف جسٽس چيو ته ووٽ ڏيڻ کان ڪنهن کي روڪي نه ٿو سگگهجي، عدالت کي ڏسڻو آهي ته ڪو به ميمبر ووٽ ڏيڻ کان رهجي نه وڃي.چيف جسٽس چيو ته عوامي مفادن ۾ ڪنهن به صورت ۾ سمجهوتو نه ٿيڻ گهرجي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here