نوري آباد ڪوچ سانحي ۾ سڙي فوت ٿيل 18 ڄڻن جي خيرپور ناٿن شاهه ۾ لڙڪن ۽ سڏڪن سان تدفين، ھڪ ئي خاندان جي 18 ڀاتين جا مڙهه کڄڻ وقت قيامت صغرا جا منظر، هر آک آلي، هر پاسي لڙڪ، آهون دانهون، جنازي نماز ۾ هزارين ماڻهن جي شرڪت، فوتين جي تدفين اباڻي قبرستان ڳوٺ نظر محمد مغيري ۾ ڪئي وئي، قربان مغيري جي ڪٽنب ٻوڏ سبب ڪراچي ۾ پناهه ورتي هئي، واپسي دوران ساڻن حادثو پيش آيو هو