اتحادي حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪرڻ ۽ ڏکيا فيصلا وٺڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

0
207

ذريعن موجب اهو فيصلو اتحادي پارٽين جي اڳواڻن ۾ رابطن بعد ڪيو ويو.ذريعن موجب پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي لانگ مارچ جي اعلان بعد سياسي اڳواڻن ۾ مشاورت ٿي، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي.اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان وچ ۾ ملاقات پڻ ٿي هئي جنهن ۾ عمران خان جي ارادن کي ڪنهن به قيمت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي.ملاقات ۾ فيصلو ڪيوويو ته اتحادي حڪومت گڏجي ملڪ کي مسئلن جي ڌٻڻ مان ڪڍندي.واضح رهي ته تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان 25 مئي تي اسلام آباد ڏانهن آزادي مارچ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي….

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here