معاشي معاملا مشڪل پر ڪنٽرول ۾ آهن، ملڪ ڊفالٽ نه ٿيندو: اسحاق ڊار

0
122

اسلام آباد: ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان جا معاشي معاملا مشڪل آهن پر ڪنٽرول هيٺ آهن، آئون ثابت ڪري سگهان ٿو ته ملڪ ڊفالٽ نه ٿيندو.

پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي تقريب کي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت ايس اي سي تي ڌيان نه ڏنو، پاڪستان کي نقصان پهچايو پيو وڃي. سستي سياست ۽ ملڪ کي ڊفالٽ ڪرڻ جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن، عوام خوف ۾ ورتل آهي، ڪو ڊالر ۽ ڪي سياسي مقصدن لاءِ سون خريد ڪري رهيا آهن، اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ درست ناهي.

هن وڌيڪ چيو ته سنگين مسئلا آهن پر اسان کي انهن کي حل ڪرڻو آهي، اسان کي ڪنهن جي خلاف انتقامي ڪارروائي نه ڪرڻي آهي، اسان کي ملڪ جي معيشت کي ٺيڪ ڪرڻو آهي، ثابت ڪري سگهان ٿو ته پاڪستان ڊفالٽ نه ٿيندو، مدد لاءِ پيرس ڪلب وڃي رهيا آهيون. آئون نه ويندس، ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ پاڪستان جي پوزيشن واضح ٿي ويندي، پاڪستان جا مسئلا حل ڪري رهيو آهيان، هي ماضي جو پاڪستان ناهي، ملڪ ڇو ڊفالٽ ڪندو.

هن چيو ته 2013 ۾ به چيو پيو وڃي ته پاڪستان 6 مهينن ۾ ڊفالٽ ٿي ويندو، ڊڪٽيٽر آءِ ايم ايف پروگرام مڪمل نه ڪري سگهيا، ن ليگ آءِ ايم ايف پروگرام مڪمل ڪيو هو، اسحاق ڊار چيو ته جيڪو ٿيو آهي ان جو ذميوار آئون نه آهيان. معيشت لاءِ پاڙيسري ملڪ کي ڊالرن جي اسمگلنگ وڏو مسئلو آهي، اسان کي ڊالر، ڪڻڪ ۽ ڀاڻ جي اسمگلنگ کي روڪڻو پوندو، پاڪستان کي ايندڙ 6 کان 7 سالن ۾ 35 ارب ڊالرن جي ضرورت پوندي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here