سنڌ سرڪار اڻ رجسٽرڊ ۽ اپلائيڊ فار گاڏين جي مالڪن کي هڪ هفتي جي مهلت ڏئي ڇڏي

0
119

اطلاعات کاتي جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ، ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن واري صوبائي وزير مڪيش ڪمار ۽ وڏي وزير جي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته  سنڌ سرڪار دهشتگردي جي خطري سبب اڻ رجسٽرڊ ۽ جعلي نمبر پليٽ لڳل گاڏي مالڪن کي هفتي جي مهلت ڏيڻ  ۽ هٿيارن جي نمائش ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي

صوبائي وزير جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪنهن شوروم مان ڪا اڻ رجسٽرڊ گاڏي وڪرو ٿي ۽ ان گاڏي تي ڪو ڏوهه ٿيو ته شوروم مالڪ خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو، فلاحي ادارن کي ڪنهن به واقعي واري هنڌ ڊي سي ۽ ضلعي انتظامياجي اجازت کان سواءِ وڃڻ جي اجازت نه هوندي

شرجيل ميمڻ چيو ته مستقبل ۾ ڪنهن هنڌ واقعو ٿئي ته  ان علائقي جي مين روڊ جو هڪ ٽريڪ بلڪل خالي ڇڏڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو آهي ته جئين ريسڪيو ادارن ۽ فورسز کي پهچڻ ۾ سولائي ٿئي

شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته صدر عارف علوي اليڪشن جي تاريخ ڏئي هڪ ٻيو غيرآئيني ڪم ڪيو آهي، جيل ڀريو تحريڪ لاءِ سڀ کان پهرين عارف علوي ۽ عمران خان کي گرفتاري ڏيڻ گهرجي

صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته فورسز توڙي پوليس کي به سادن ڪپڙن ۾ هٿيارکڻڻ ۽ خانگي ڪمپني جي گارڊز کي به هٿيارن جي نمائش ڪرڻ نه ڏني ويندي

هڪ سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته صدر عارف علوي اليڪشن جي تاريخ ڏئي هڪ ٻيو غيرآئيني ڪم ڪيو آهي ، جيل ڀريو تحريڪ لاءِ سڀ کان پهرين عارف علوي ۽ عمران خان کي گرفتاري ڏيڻ گهرجي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته هاڻي ڪنهن کي گهر يا گاڏي مسواڙ تي ڏيڻ لاءِ لاڳاپيل ٿاڻي تي اطلاع ڏيڻ وارو شرط لازم قرار ڏنو ويو آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here