لاهور هاءِ ڪورٽ حمزه شهباز جي حلف برداري خلاف درخواستون ٻڌڻيءَ لاءِ منظور ڪري ورتيون

0
184

لاهور هاءِ ڪورٽ حمزه شهباز جي حلف برداري خلاف درخواستون ٻڌڻيءَ لاءِ منظور ڪري ورتيون، ڌرين کي نوٽيس جاري، پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر پرويز الاهي پاران داخل درخواست ۾ حمزه شهباز ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته حمزه شهباز وڏي وزير چونڊجڻ لاءِ گهربل ووٽ حاصل نه ڪيا، ڊپتي اسپيڪر حمزه شهباز کي بنا ڪنهن جواز جي وڏي وزير جي چونڊ ۾ ڪامياب قرار ڏنو، حمزه شهباز کي وڏي وزير طور ڪم ڪرڻ کان روڪيو وڃي، عدالت ڌرين کي 25 مئي لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here