وزير اعظم شهباز شريف سعودي عرب کان پاڪستان لاءِ 8 ارب ڊالرز جو پيڪيج حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب

0
155

امداد جي ٽيڪنيڪي تفصيلن تي ڪم جاري آهي، سمورن دستاويزن تي ٻن هفتن جو وقت لڳي سگهي ٿو، جنهن بعد دستاويزن تي صحيحون ڪيون وينديون، ناڻي وارو وزير مفتاح اسماعيل اڃا به سعودي عرب ۾ موجود، مالي پيڪيج جي طريقيڪار کي حتمي شڪل ڏيندو، پاڪستان سعودي عرب کي تيل جي سهولت هڪ ڏهائي ٻه ارب ڊالرز کان وڌائي ٻه ڏهائي چار ارب ڊالرز ڪرڻ جو چيو، سعودي عرب پاڪستان جي درخواست قبول ڪري ورتي، 3 ارب ڊالرز ڊپازٽ ڪيا ويندا، ڊپازٽ جي رقم جون 2023 ۾ تائين رول اوور ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here