شاگرد يونيز بحال ڇو ناهن ٿيون؟سنڌ سرڪار يونيورسٽيز کان رپورٽ گهري ورتي

0
77

ڪراچي: سنڌ سرڪار پاران صوبي سمورين يونيورسٽين کان شاگرد يونين جي بحالي بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي.سنڌ حڪومت سنڌ اسمبلي مان 11 فيبروري 2022 تي شاگرد يونين ايڪٽ 2019 پاس ڪيو ھو، صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو آهي ته سمورين يونيورسٽين کي شاگرد يونين ايڪٽ تي 2 مھينن اندر عمل در آمد ڪرڻو ھو، سموريون يونيورسٽيون سنڌ شاگرد يونين جي نفاذ بابت اڳڀرائي رپورٽ ڏين.

اسماعيل راهو يونيوريسيز کان پڇاڻو ڪيو ته اڃا تائين شاگرد يونين ايڪٽ جا قائدا يونيورسٽين ۾ لاڳو ڇو ناھن ٿيا؟ يونيورسٽيزواري وزير ٻين معاملن سان گڏ شاگرد يونين تي اڳڀرائي جي جائزي لاءِ صوبي جي يونيورسٽين جو اھم اجلاس 28 نومبر تي گھرائي ورتو آھي.

اجلاس ۾ 27 يونيورسٽيز جا وائس چانسلر شاگرد يونين جي بحالي بابت اڀڳرائي پيش ڪندا. صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو ته ٻين صوبن کي به سنڌ جيان شاگرد يونين جي بحالي جا دروازا کولڻ گھرجن، سنڌجي سمورين سرڪاري ۽ نجي يونيورسٽيز ۾ تمام جلد شاگرد يونين جون چونڊون ڪرايون وينديون، شاگرد يونين جي بحالي جو قانون سرڪاري سان گڏ نجي يونيورسٽيز تي به لاڳو ٿئي ٿو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here