ڌماڪيدار مادو يونيورسٽي اندر عورت کي فراهم ڪيو ويو :غلام نبي ميمڻ

0
108

هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي غلام نبي ميمڻ جو چوڻ هو ته ڪراچي يونيورسٽي ۾ پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائيندڙ عورت جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي، جيڪا ڪراچي يونيورسٽي جي شاگردياڻي هئي ۽ هاسٽل ۾ رهندي هئي. ايڊيشنل آءِ جي جو چوڻ هو ته ٿي سگهي ٿو ڌماڪيدار مادو يونيورسٽي اندر عورت کي فراهم ڪيو ويو، عورت کي سي سي ٽي وي ۾ اطمينان سان ڏٺو ويو آهي، واقعو حيرت انگيز آهي.غلام نبي ميمڻ چيو ته يونيورسٽي ۾ عورتن جو تعليمي رڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي، ڪراچي يونيورسٽي جي پنهنجي سيڪيورٽي آهي ۽ اندر رينجرز جو هڪ ونگ به آهي.غلام نبي ميمڻ وڌيڪ چيو ته دهشتگردي جي واقعن کي انٽيليجنس اطلاعن تي ئي ناڪام بڻائي سگهجي ٿو.هن چيو ته ڪراچي يونيورسٽي جي حوالي سان ڪي به سڪيورٽي خدشا ناهن، يونيورسٽي ۾ ايندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کان تلاشي وٺڻ ممڪن ناهي پر حملي بابت مختلف هنڌن جي سي سي ٽي وي فوٽيجز گڏ ڪيون پيون وڃن جنهن سان وڌيڪ ثبوت سامهون ايندا.ايڊيشنل آءِ جي جو چوڻ هو ته شهر ۾ سيف سٽي پروجيڪٽ تي ڪم ڪرڻو پوندو، 44 هزار ڪيميرائون لڳايون ويون آهن، شهر جي اندر ۽ ٻاهرين رستن تي سڪيورٽي پلان موجود آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here