ووٽ ڏيڻ اسيمبلي جي ميمبر جو انفرادي حق آهي سپريم ڪورٽ بار جو صدارتي ريفرنس ۾ جواب

0
84

سپريم ڪورٽ بار ايسوسي ايشن صدارتي ريفرنس بابت عدالت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو.سپريم ڪورٽ بار ايسوسي ايشن جي جواب ۾ چيو ويو ته آرٽيڪل 95 تحت ووٽ ڏيڻ ڪنهن سياسي پارٽي جو حق ناهي پر ووٽ ڏيڻ قومي اسيمبلي جي ميمبر جو انفرادي حق آهي ان ڪري قومي اسيمبلي جي ڪنهن به ميمبر کي ووٽ ڏيڻ کان روڪي نٿو سگهجي.سپريم ڪورٽ بار چيو آهي ته حڪومت جو نظام عوام پنهنجي چونڊيل نمائندن ذريعي هلائيندو آهي.آرٽيڪل 63 اي تحت ايم اين ايز کي ووٽ ڏيڻ کان نٿو روڪي سگهجي، جڏهن ته آرٽيڪل 95 اي تحت ڪاسٽ ٿيل هر ووٽ ڳڻپ ۾ شمار ٿيندو آهي.سپريم ڪورٽ بار موجب قومي اسيمبلي جو هر ميمبر پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ ۾ آزاد آهي، آرٽيڪل 63 اي کيس پارٽي جي هدايتن خلاف ووٽ ڏيڻ تي ڪا به نا اهلي آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here