دمشق ايئرپورٽ تي اسرائيل جو ميزائل حملو: 2 شامي فوجي مارجي ويا

0
114

دمشق: شام ۾ اسرائيلي حملي ۾ 2 شامي فوجي مارجي ويا. پرڏيهي ميڊيا موجب شامي فوج تصديق ڪئي آهي ته اسرائيل طرفان ملڪ جي هڪ اهم بين الاقوامي هوائي اڏي تي ميزائل فائر ڪيا ويا، جنهن جي نتيجي ۾ 2 شامي فوجي مارجي ويا.

شامي فوج جو چوڻ آهي ته دمشق ۾ اسرائيلي فوج پاران نشانو بڻيل ايئرپورٽ غير فعال آهي، ايئرپورٽ ۽ ان جي ڀرپاسي تي آچر ۽ سومر جي وچ ۾ حملو ڪيو ويو. شامي فوج موجب اسرائيلي حملي جي نتيجي ۾ 2 فوجي مارجي ويا ۽ 2 زخمي ٿي پيا، جڏهن ته ڪجهه ٻيو نقصان به پهتو پر ايئرپورٽ غير فعال هجڻ سبب ڪو به جاني نقصان نه ٿيو.

شام ۾ ڪم ڪندڙ انساني حقن جي تنظيم جو چوڻ آهي ته اسرائيلي حملي ۾ ايئرپورٽ ۽ ان جي ويجهو هڪ هٿيارن جي ڊيپو کي نشانو بڻايو ويو، هي هٿيارن جو ڊيپو ڏکڻ دمشق جي ويجهو آهي، جڏهن ته حملي ۾ ڪل 4 ڄڻا مارجي ويا. ميڊيا رپورٽن موجب هڪ سال اندر دمشق انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي اسرائيل جو هي ٻيو حملو آهي پر اسرائيل ان حوالي سان ڪوبه باضابطا بيان جاري نه ڪيو آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here