جديد دور اچڻ سان فقيرن به پنڻ جا نوان طريقا اختيار ڪري ورتا آهن.ڪجهه اهڙا ماڻهو جيڪي ڪم ته نه ٿا ڪري سگهن اهي وري انٽرنيٽ کي استعمال ڪري پنهنجا ڌنڌا جاري رکيو اچن.فراڊي شخص واٽس ايپ ذريعي پاڻ کي غريب ۽ لاچار ڄاڻائي غربت جون ڪهاڻيون گهڙي خيرات وٺندي شرم به محسوس نه ٿا ڪن.انتظاميا اهڙن ماڻهن خلاف ڪارروائي کان في الحال لاچار آهي، جنهن تي اختيارين شهرين کي خبردار ڪري ڇڏيو