ڪراچي: حڪومت موبائل ريچارج تي ٽيڪس ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي ۽ هاڻ صارفين کان هر ريچارج تي 15 سيڪڙو اضافي ود هولڊ ٽيڪس وصول ڪيو ويندو.
ان حوالي سان ناڻي واري وزارت موجب 100 روپين جي موبائل ريچارج تي 9 روپيه 3 پئسا واڌو ود هولڊنگ ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو. ذريعن موجب ٽيلي ڪام ڪمپنين بيلنس ري چارج تي واڌو ٽيڪس وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻ 100 روپين جي ري چارج تي 86 روپيه 9 پئسن جو بيلنس ملندو.