ضياءُ ويو، مشرف ويو، سليڪٽڊ به ويو، جيئي ڀٽو: بلاول ڀٽو زرداري

0
142

پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ضياءُ ويو، مشرف ويو، سليڪٽڊ به ويو، جيئي ڀٽو، اسان پاڪستاني عوام سان ڪيل واعدو پورو ڪري ڇڏيو.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي پنهنجي پيغام ۾ پ پ چيئرمين چيو ته اسان پاڪستان جي عوام سان ڪيل واعدو پورو ڪيو آهي، عوام جي مارچ سليڪٽڊ حڪومت کان آزادي جي جدوجهد ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪيو آهي.هن وڌيڪ چيو ته عيد کان پوءِ انهن ڪارڪنن کي ڀيٽا ڏيڻ جي تقريب ٿيندي جن اهو سڀ ڪجهه ممڪن ڪيو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here