وزيراعظم شهباز شريف جي بهادر آباد ۾ اتحادي پارٽي ايم ڪيو ايم جي قيادت سان ملاقات

0
102

ايم ڪيو ايم وزيراعظم شهباز شريف کان 27 نقاطي معاهدي تي عملدرآمد جو مطالبو ڪري ڇڏيو.وزيراعظم شهباز شريف بهادر آباد ۾ اتحادي پارٽي ايم ڪيو ايم جي قيادت سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران ايم ڪيو ايم قيادت شهباز شريف کان مطالبو ڪيو ته 27 نقاطي معاهدي تي مرحليوار عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي. ايم ڪيو ايم جي قيادت وزيراعظم سان ڪي فور، اربن ڊولپمينٽ پيڪيج، ريپڊ ماس ٽرانزٽ، مردم شماري سميت سمورن نقطن تي عملدرآمد بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي.شهباز شريف سان ملاقات ۾ ايم ڪيو ايم واضح ڪيو ته هو پنهنجا سمورا واعدا پورا ڪرڻ چاهي ٿي.وزيراعظم جي دوري بعد پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ايم ڪيو ايم سربراهه خالد مقبول صديقي چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جو دورو رسمي هو.خالد مقبول صديقي چيو ته جيڪي معاملا طئي ٿي چُڪا آهن، انهن بابت وزيراعليٰ هائوس ۾ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي چُڪي آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here