وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد جي وڏي وزير عثمان بزدار سان ملاقات، سياسي صورتحال تي ڳالهيون

0
175

لاهور: (ڇنڇر 26 فيبروري 2022ع) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته اپوزيشن ۾ ويٺل ڪجهه نادان ماڻهن بي اعتمادي رٿ کي راند سمجهي رکيو آهي.
رپورٽ موجب پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار سان وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي وارن معاملن سياسي صورتحال ۽ راولپنڊي ۾ هلندڙ ترقياتي منصوبن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ٻنهي اڳواڻن اپوزيشن جي انتشار واري سياست جي مذمت ڪندي سندن ڄمي مقابلو ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪيو. عثمان بزدار چيو ته سياست ۾ منفي رويا ملڪ کي نقصان ڏيندا آهن. اپوزيشن صرف اقتدار جي لاءِ سمورو تماشو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here