وزيراعظم ميان شهباز شريف پاران عوام کي وڏو رليف، پگهار ۽ پينشن ۾ 10 سيڪڙو واڌ

0
134

نئين چونڊيل وزيراعظم ميان شهباز شريف پاران عوام کي سستي اگهه تي اٽو فراهم ڪرڻ، مزدور جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت 25 هزار مقرر ڪرڻ جو اعلان، پينشن ۾ 10 سيڪڙو ۽ هڪ لک رپين تائين پگهار کڻندڙ سرڪاري ملازمن جي پگهار ۾ به 10 سيڪڙو واڌ جو اعلان، شهباز شريف بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ٻيهر شروع ڪرڻ جو به اعلان ڪري ڇڏيو. نئين چونڊيل وزيراعظم ميان شهباز شريف چيو آهي ته هي تاريخ ۾ پهريون موقعو آهي ته بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿي، حق جي سوڀ ٿي ۽ باطل کي شڪست ٿي، قومي اسيمبلي ۾ پنهنجو پهريون خطاب ڪندي شهباز شريف سپريم ڪورٽ کي وڌايون ڏنيون ته اعليٰ عدالت نظريه ضرورت کي دفن ڪري ڇڏيو، جنهن کي يادگار ڏهاڙي طور ملهائڻ گهرجي، ڪوڙ تي ڪوڙ ڳالهايو پئي ويو ته ڪو خط آيو آهي، هاڻ کير جو کير ۽ پاڻي جو پاڻي ٿيڻ گهرجي، خط جي معاملي تي قومي سلامي ڪميٽي جي اِن ڪئمرا بريفنگ ٿيندي، جنهن ۾ هٿياربند فوجن ۽ انٽيليجنس ادارن جي سربراهن سميت خط لکندڙ سفير به شريڪ ٿيندا، خط جي معاملي ۾ سازش ثابت ٿي ته گهر هليو ويندس، صورتحال خراب آهي پر يقين آهي ته بهتري آڻينداسين

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here