قانون واري وزير، اعظم نذير تارڙ ٻن جونيئر ججز کي سپريم ڪورٽ آڻڻ لاءِ ووٽ ڏيڻ تي قوم کان معافي ورتي

0
441

حڪومتي جماعتن جي پريس ڪانفرنس دوران صحافي قانون واري وزير کان سوال ڪيو ته ڇا توهان کي ٻن جونيئر ججز کي سپريم ڪورٽ آڻڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تي افسوس آهي

وزيراعظم نذير تارڙ جواب ڏيندي چيو ته اسان جي مذهب ۾ توبهه جو حڪم آهي، سپريم ڪورٽ جي ٻن جونيئر ججز کي آڻڻ واري معاملي تي عوام کان معافي گهران ٿو، ذاتي موقف باوجود هُن حڪومتي موقف موجب ووٽ ڏنو

اعظم نذير تارڙ چيو ته هُو ڪڏهن به ان ووٽ جي حق ۾ نه هو، هُو سمجهي ٿو ته هُن ووٽ ڏنو، کيس ووٽ نه ڏيڻ گهرجي ها ۽ اصولن تي بيهڻ گهرجي ها، هُو سموري قوم کان ان معاملي تي معافي گهري ٿو هن وڌيڪ چيو ته اهو وقت بيهڻ جو هو، حڪومت کي به بيهڻ گهرجي ها ۽ کيس ان کان به وڌيڪ بيهڻ گهرجي ها

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here