ناڻي بابت سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي هيٺين ڪميٽي پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊن لاءِ فنڊ ڏيڻ واري بل کي رد ڪري ڇڏيو

0
190

ناڻي بابت قومي اسيمبلي جي هيٺين ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين قيصر احمد شيخ جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊن لاءِ فنڊ ڏيڻ واري بل کي اتفاق راءِ سان رد ڪيو ويو

ان موقعي تي ناڻي واري مملڪتي وزير عائشا غوث پاشا چيو ته پاڪستان آءِ ايم ايف جي سخت پروگرام ۾ شامل آهي، ملڪ فنڊن جي کوٽ ۽ وڏي خساري کي منهن ڏئي رهيو آهي، وٽن مختص بجيٽ کان سواءِ اضافي فنڊ موجود نه آهن

سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن عمر حميد چيو ته 21 ارب جي فنڊنگ تي سپريم ڪورٽ کي جواب ڏيڻو آهي، اليڪشن جي بجيٽ ۾ رڳو 5 ارب رپيا جاري ڪيا ويا

سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سينيٽر دلاور عباس جي صدارت هيٺ ٿيو

اجلاس ۾ پنجاب، خيبرپختونخواهه ۾ چونڊن لاءِ 21 ارب رپيا جاري ڪرڻ لاءِ مَني بل تي غور ڪيو ويو

 ناڻي واري وزير عائشه غوث پاشا چيو ته آءِ ايم ايف سان معاهدي موجب فنڊز محدود آهن، پاڪستان مالي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي، فنڊ ڏيڻ جي گنجائش ناهي اجلاس ۾ بحث کانپوءِ سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي اليڪشن ڪميشن کي فنڊ ڏيڻ جو بل به اڪثريت راءِ سان رد ڪيو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here